شرڪ ناس

شرڪ ناس

شرڪ ناس

شرڪ ناس (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف محمد عثمان ڏيپلائي آهي. هن ڪتاب ۾ پير پرستيءَ جي خلاف مصنف جا ٻارهن افسانا شـامـل آهـن، جـن ۾ (1) مـرشــد جـي نـنــڊ، (2) شـاهه جـي ڏگـري، (3) ابتـو ڦـيـــرو، (4) اوليائن جي مار، (5) ووٽن جي پيتي، (6) بُـلا شـاهه جو ڪـلام، (7) ٻـئـي گــدرا، (8) درگاهه شريف، (9) قـلـنـدر جـو هـندورو، (10) دستگير جي يارهين، (11) نڀاڳي مريدياڻي، (12) گڏهه جو پيءُ، افسانا شامل آهن.
ڪرائون سائيز ۾ 200 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب اسلاميه دارالاشاعت طرفان 1950ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 1 روپيو ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو